چنڊيا ڪلهوڙا

چنڊيا ڪلهوڙا (ڳوٺ): هي ڳوٺ ديهه ڀولا ڪلهوڙا، قنبر شهر کان ڏکڻ طرف 10 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آباد آهي. هن ڳوٺ جي تاريخ بابت روايت ملي ٿي ته سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي (1754ع- 1718ع) جي دؤر ۾ در محمد ٻلال نالي هڪ سرڪش زميندار موجوده سيوهڻ شهر جي آسپاس رهندو هو. هڪ ڀيري نور محمد ڪلهوڙي جي سانَ هن جي مينهن کي سائو ڪيو. جنهن تي در محمد غصي ۾ اچي مينهن جو ڳڀ ڪيرائي ڇڏيو. اها خبر نور محمد ڪلهوڙي کي پئي ته هن در محمد کي سيکت ڏيڻ لاءِ پنهنجي قبيلي مان چار چونڊ بهادر ماڻهو فوجي دستي سان مٿس چاڙهي موڪليا، جن در محمد ٻلال جي ڪوٽ تي قبضو ڪري، کيس قيد ڪري ميان نور محمد جي درٻار ۾ پيش ڪيو، در محمد ٻلا ل پنهنجي غلطيءَ جي معافي ورتي ۽ پنهنجي نياڻي نور محمد کي نڪاح ۾ ڏني. هن نياڻيءَ کي ڏاج ۾ هڪ ٻانهي ۽ ٽي غلام به ڏنا. 1783ع ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ڪلهوڙن شاهي خاندان جا ڪي فرد ديري غازي خان جي حاجي پور ۽ ڄام پور شهرن ڏانهن هليا ويا. 1843ع ۾ ميرن جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ڪلهوڙا گھراڻي جي انهن چئن چونڊيل بهادرن جي اولاد، روزگار جي تنگيءَ سبب سنڌ ڏانهن ٻيهر رخ ڪيو ۽ هتي اچي آباد ٿيا. جنهن ڪري هيءُ ڳوٺ سندن نالي پٺيان چنڊيا (چونڊيا) ڪلهوڙا نالي سان مشهور ٿيو. هن وقت هتي ڪلهوڙن کان سواءِ ڌڪڙ، موچي، تنيا ۽ وڌا ذات جا ماڻهو به آباد آهن. چڱ مڙسي ۽ زمينداري ڪلهوڙن جي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو